ڪراچي جي شيرپائو ڪالوني ۾ ماتمي جلوس دوران شرپسندن جو حملو،ايس ايڇ او سميت ڪيترائي زخمي

ڪراچي: ڪراچي جي لانڍي ڀرسان واقعي شيرپائو ڪالوني ۾ گذريل 25 سالن کان مسلسل نڪرندڙ ماتمي جلوس تي علائقي ئي ۾ رهندڙ پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪارندن حملو ڪري مٿن پٿراءُ ڪيو جنهن جي ڪري ڇڪتاڻ ٿي  وئي اطلاع تي ايس ايڇ او امين کوسو پنهنجي نفري سميت پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪارندن پوليس مٿان پڻ پٿراءُ شروع ڪري ڏنو جنهن  سبب ايس ايڇ او امين کوسو سميت ڪجهه اهلڪار ۽ ڪيترائي مومن پڻ زخمي  ٿي پيا.تفيصل موجب شرپائو ڪالوني جي ايف ٽو ۾ واقعي دين محمد جي گهران ماتمي جلوس برآمد ٿي رهيو هو ته اچانڪ علائقي ۾ رهندڙ پابندي مڙهيل تنظيم سان لاڳاپيل شرپسندن گهر تي حملو ڪري دين محمد سميت ٻين مٿان پٿراءُ شروع ڪري  ڏنو، اطلاع تي پوليس پهچي امن امان برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته شرپسندن پاران پوليس تي پڻ حملو ڪيو ويو جنهن ۾ ايس ايڇ او امين کوسو سميت پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا

Read Previous

ڏوڪري: چيمبر آف ڪامرس وڌندڙ بدامني، جوا، منشيات ۽ نقلي نوٽن جي ڪاروبار تي ڳڻتي جو اظھار

Read Next

مرحوم مخدوم عتيق الزمان جو مخدوم ھائوس ھالا ۾ ٽيجهو،اهم شخصيتن جي شرڪت

Most Popular