ڏوڪري: چيمبر آف ڪامرس وڌندڙ بدامني، جوا، منشيات ۽ نقلي نوٽن جي ڪاروبار تي ڳڻتي جو اظھار

ڏوڪري: چيمبر آف ڪامرس وڌندڙ بدامني، جوا، منشيات ۽ نقلي نوٽن جي ڪاروبار تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي علي پارڪ تان قبضا ختم ڪرڻ ۽ لائبريري ۾ سھولتون ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. چيمبر آف ڪامرس جي صدر عبدالحميد جيسر، سينيئر نائب صدر مظھر علي گلال، جونيئر نائب صدر محبوب علي سومرو، خزانچي غلام قادر ڏيرو، پريس سيڪريٽري ظھير علي ميمڻ، ھمٿ علي جتوئي، ديدار شيخ ۽ محمد کوکر سان گڏجي تعلقه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نقلي نوٽن، جوا، منشيات ۽ بدامني سميت شھري مسئلن بابت انتظاميا تعاون ڪرڻ لاء تيار ناھي، جنھن سبب دوڪاندار توڙي شھري سخت پريشان آهن. ھنن چيو ته ڏوڪري تعلقي جا واپاري ۽ دوڪاندار عدم تحفظ جو شڪار آهن، نقلي نوٽن سبب ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن، پر جوابدار اڃان تائين قانون جي پڪڙ کان آجا آھن. ھنن چيو ته ڏوڪري شھر جي واحد تفريحي باغ علي پارڪ تي قبضي توڙي شاگردن لاءِ لائبريري جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جدوجھد جاري آھي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو سان ملاقات ڪري شھر جي مسئلن بابت آگاھي ڏني آھي، تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ٿا ڪيون ته بنا دير علي پارڪ تان قبضا ختم ڪرائي واڪنگ ٽريڪ ۽ بيوٽيفڪيشن ڪئي وڃي. ھنن چيو ته شھر جي مسئلن لاءِ جدوجھد ڪرڻ تان ڪجھ ڌريون سوشل ميڊيا تي ڪوڙي ۽ منفي پروپيگنڊا ڪري رھيون آھن، اسان ڪنھن بہ صورت ۾ پوئتي نه هٽنداسين، شھر جي دوڪاندارن ۽ واپارين جي تحفظ سميت عوام جي بنيادي مسئلن لاءِ گڏجي جدوجھد ڪنداسين. ھنن چيو ته چيمبر آف ڪامرس واپارين ۽ دوڪاندارن کي ڪنھن بہ صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي، ھر موڙ تي ساڻن گڏ آهيون. ھنن ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊي آء جي لاڙڪاڻو، ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، اي سي ڏوڪري ۽ ڊي ايس پي ڏوڪري کان مطالبو ڪيو ته ڏوڪري ۾ وڌندڙ بدامني، جوا، منشيات ۽ نقلي نوٽن جي ڪاروبار خلاف قدم کڻي علي پارڪ تان قبضا ختم ڪرائي لائبريري ۾ سھولتون فراھم ڪيون وڃن، ٻئي صورت ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

Read Previous

ريلوي پوليس جا ڪراچي واسي سان ڪلور،نوجوان کان 4 لک ڦري ماري ماري بيهوش ڪري ڇڏيو

Read Next

ڪراچي جي شيرپائو ڪالوني ۾ ماتمي جلوس دوران شرپسندن جو حملو،ايس ايڇ او سميت ڪيترائي زخمي

Most Popular