مرحوم مخدوم عتيق الزمان جو مخدوم ھائوس ھالا ۾ ٽيجهو،اهم شخصيتن جي شرڪت

مٽياري: سروری جماعت جی روحاني پيشوا مخدوم جمیل الزمان جي ڀاءُ مرحوم مخدوم عقیل الزمان جو مخدوم ھائوس ھالا ۾ ٽيجهو ٿي گذريو جنهن ۾ مرحوم جي ايصال ثواب لاء قرآن خواني ۽ خيرات في سبيل الله جو انتظام ڪيو ويو. ان موقعي تي مخدوم جميل الزمان، مخدوم محبوب الزمان، مخدوم سعيد الزمان، مخدوم احمدالزمان،مخدوم شڪيل الزمان سميت سياسي سماجي شخصيتن ۽ سروري جماعت جي مريدن جي وڏي انگ  شرڪت ڪئي.ٻئي طرف مخدوم عقيل الزمان جي وڇوڙي تي سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان سميت مخدوم خاندان جي فردن سان تعزيت جو سلسلو جاري رهيو ، مخدوم عقيل الزمان جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪندڙن م سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني ، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهوڙو ، جمعيت علماء اسلام ف جو سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ،زراعت وارو صوبائي وزير اسماعيل راهو ، ايم پي اي راڻا همير سنگھ ، سردار مشتاق احمد راهو ، پير امير علي شاه هاشمي ، حاجي خير محمد کوکر ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ نور الدين سنائي ، پير آف ڀٽائي سيد نازڻ سائين ، رئيس علي احمد خان نظاماڻي ،حاجي حسين احمد سنائي ،ڄام آف سنڌ سردار جاويد سمون، نانا نويد سمون ،سيد ضياب الدين شاه ، جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ عبدالوحيد قريشي ، پ پ ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ، پ پ اڳواڻ مظفر شجراع ،حافظ اعظم جهانگيري ،ايم پي اي قاسم سراج سومرو ،مشير وزير اعلا سنڌ پير نورالله قريشي ، پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ، وڏيرو محمد خان جوڻيجو ، خوراڪ کاتي جو صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال ، جمعيت علماء اڳواڻ تاج محمد ناهيون سميت زندگي جي هر مڪتب فڪر سان لاڳاپيل شخصيتن تعزيتون ڪيون ، تعزيتون ڪري مرحوم مخدوم عقيل الزمان جي ايثال ثواب لاء خصوصي دعائون گهريون ويون جڏهن ته مرحوم مخدوم  عقيل الزمان  جي ٽيجهي جي سلسلي ۾ مخدوم هائوس ۾ قرآن خواني توڙي خيرات في سبيل الله جو بندوبست ڪيوويو ۔۔

Read Previous

ڪراچي جي شيرپائو ڪالوني ۾ ماتمي جلوس دوران شرپسندن جو حملو،ايس ايڇ او سميت ڪيترائي زخمي

Read Next

العزيزيه ريفرنس: نوازشريف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد

Most Popular