العزيزيه ريفرنس: نوازشريف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف جي سزا جي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت اڳوڻي وزيرعاظم نوازشريف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ 22 سيپٽمبر جي لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي نوازشريف کي مفرور قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. نيب پراسيڪيوٽر جهانزيب بهروانه عدالت ۾ پيش  ٿيو ۽ چيو ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف جي ضمانت رد ٿيڻ جي درخواست ڏني آهي. جسٽس عامر فاروق چيو ته اڃان نيب جي نوازشريف جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست التوا ۾ رکي رهيا آهيون. پهريان خواجه صاحب جا دليل ٻڌي وٺون پوءِ نيب جي درخواست ٻڌنداسين. اڃان ته اسان کي اهو طئي ڪرڻو آهي ته ڇا نوازشريف جي درخواست ٻڌي به سگهجي ٿي يا نه.؟ وڪيل خواجه حارث پرويز مشرف ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته  اثاثن جي جانچ  واري ڪيس ۾ پرويز مشرف جي وڪيل کي  پيش ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. ان ڪري غير معمولي حالتن ۾ ملز جي بجاءِ ان جي وڪيل کي پيش ٿيڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي. خواجه  حارث چيو ته سنگين غداري ڪيس ۾ خصوصي عدالت پرويز مشرف کي مفرور ۽ اشتهاري قرار  ڏنو هو ان جي باوجود سپريم ڪورٽ جنرل پرويز مشرف جي  وڪيل کي ٻڌو. جوابدار جي پيش نه ٿيڻ جو جواز بنائي ٽرائل کي روڪي نٿو سگهجي. عدالت جوابدار لاءِ سرڪاري وڪيل مقرر ڪري ٽرائل اڳيان وڌائيندي. نوازشريف في الحال عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي.  جنهن کان پوءِ عدالت پڇيو ته اوهان چاهيو ٿا ته اپيل تي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. يا پوءِ نوازشريف جي غير موجودگي ۾  ان تي ٻڌڻي ڪئي وڃي؟  خواجه حارث جواب ڏنو ته جي ها منهنجي عدالت کان به استدعا آهي. عدالت خواجه حارث کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان  اهو چوڻ  چاهيو ٿا ته نوازشريف مفرور قرار ڏنو وڃي تڏهن به عدالت ميرٽ تي اپيلن جو فيصلو ڪري؟ خواجه حارث جواب ڏنو ته مون اها به استدعا ڪئي آهي ته جيڪڏهن هو مفرور ٿيو آهي ته  ڪابه منفي ڪارروائي نه ڪئي وڃي.  جنهن تي عدالت چيو ته العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف جي ضمانت غير موثر آهي ۽ هن عدالت جي  سامهون پاڻ کي سرنڊر به نه ڪيو. جسٽس محسن اختيار ڪياني چيو ته ضمانت وٺي ٻاهر ويندڙ نوازشريف سرجري به نه ڪرائي نه ئي وري اسپتال ۾ داخل ٿيو.  جسٽس عامر فاروق چيو ته اسان جو نوازشريف جي ضمانت جو فيصلو هو جيڪو غير موثر  ٿي چڪو آهي. ضمانت ختم ٿي چڪي آهي هي انتهائي سنجيده معاملو آهي. هي سمورو  نظام انصاف تي سوال اٿاري ڇڏيندو. عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف جي سزا جي خلاف اپيلن جي ڪارروائي ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف کي 10 سيپٽمبر تي سرنڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر هو  ملڪ واپس نه آيو جنهن تي هاءِ ڪورٽ کيس اڄ پيش ٿيڻ جو هڪ ٻيو موقعو ڏنو هو.

Read Previous

مرحوم مخدوم عتيق الزمان جو مخدوم ھائوس ھالا ۾ ٽيجهو،اهم شخصيتن جي شرڪت

Read Next

موٽر وي زيادتي ڪيس: پوليس اقبال عرف بالا مستري کي گرفتار ڪري ورتو

Most Popular