موٽر وي زيادتي ڪيس: پوليس اقبال عرف بالا مستري کي گرفتار ڪري ورتو

لاهور: موٽر وي تي عورت سان زيادتي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي،  مُک جوابدار عابد علي جو هڪ ٻيو ساٿي ساهيوال مان گرفتار ٿي ويو.  پوليس موجب اقبال عرف بالا ماستري کي گرفتار جوابدار شفقت جي نشاندهي تي گرفتار ڪيو ويو. رپورٽ موجب اقبال عرف بالا مستري به زيادتي جي واقعي واري ڏينهن جوابدارن سان گڏ هو پر واردات کان اڳ ئي هو رستي تان واپس هليو ويو. سي آءِ اي ذريعن موجب اقبال عرف بالا مستري مرڪزي جوابدار عابد سان گڏ ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي.  پوليس اختيارين موجب عورت جي بيان کان سواءِ ڪيس کي اڳيان وڌائڻ مشڪل هوندو. گرفتار جوابدار شفقت شروعاتي جاچ ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي ۽ ان جو ڊي اين اي به ميچ ٿي چڪو آهي. گرفتاري ڏيندڙ جوابدار وقارالحسن جو ڊي اين اي ميچ ناهي ٿي سگهيو. جوابدار موقعي تي موجود هو يا نه ان جي تصديق ٿيڻي اڃان باقي آهي.  هوڏانهن ڪيس جي مُک جوابدار عابد علي جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ سامهون اچي ويو آهي. جوابدارن زمين جي قبضي خاطر پنهنجي مامي کي به قتل ڪري چڪو آهي. جوابدار عابد علي تي قتل، زيادتي ۽ مختلف وارداتن سميت اجتماعي زيادتي جا 8 ڪيس به داخل آهن.

Read Previous

العزيزيه ريفرنس: نوازشريف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد

Read Next

موٽر وي زيادتي ڪيس: جوابدار شفقت ڇهن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

Most Popular