ابوظهبي: متحده عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زاهد النهيان چيو آهي ته اسرائيل سان سفارتي لاڳاپن جي قيام جو معاهدو خطي جي ترقي ۾ اهم اڳڀرائي آهي. رپورٽ موجب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان چيو آهي ته اسرائيل سان لاڳاپن سبب فلسطينين جي حقن ۽ ڌار رياست جي جدوجهد متاثر نه ٿيندي هي معاهدو وچ اوڀر جي ترقي جي لاءِ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندو. واضح رهي ته بحرين ۽ متحده عرب امارات سان گڏ اسرائيل جي سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي قيام جي معاهدي تي صحيحن جي تقريب اڄ وهائٽ هائوس ۾ مقامي وقت موجب 12 وڳي منعقد ٿيندي. معاهدي تي اسرائيل جو وزيراعظم نيتن ياهو، امارات ۽ بحرين جا پرڏيهي وزير صحيحون ڪندا ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به تقريب ۾ شرڪت ڪندو. معاهدي تي صحيح جي تقريب لاءِ 700 ماڻهن کي دعوت ناما جاري ڪيا ويا آهن.