آمريڪي صدر هڪ دفعو ٻيهر ايران تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Trump

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ دفعو ٻيهر ايران کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران طرفان ڪنهن به شڪل ۾ حملو برداشت نه ڪيو ويندو.  هن چيو ته ايران جنرل قاسم سليماني جو بدلو وٺڻ جي لاءِ ڪوبه حملو يا قتل ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيو آهي جنرل قاسم سليماني کي حملي جي منصوبه بندي ۽ آمريڪي فوجين کي قتل جي  بنياد تي ماريو ويو هو. آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا تي ايران جو ڪنهن به شڪل ۾ حملو برداشت نه ڪيو ويندو  ۽ حملي جي صورت ۾ آمريڪا ايران مٿان وڏا حملا ڪندو.  واضح رهي ته آمريڪا جي هڪ اخبار دعويٰ ڪئي  هئي ته ايران جنرل قاسم سليماني جو بدلو وٺڻ جي لاءِ ڏکڻ آفريڪا ۾ آمريڪي سفير کي قتل ڪرڻ چاهي ٿو پر ايران آمريڪي اخبار جي ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

اسرائيل سان ڪيل معاهدي کان پوءِ فلسطينين جي جدوجهد متاثر نه ٿيندي: عرب امارات

Read Next

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا ۾ چوڏنهن ڏينهن جي قرنطينه کان انڪار ڪري ڇڏيو

Most Popular