شنگهائي تعاون تنظيم والاريل ڪشمير بابت پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي

شنگهائي:  شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي او) والاريل ڪشمير بابت پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. شنگهائي تعاون تنظيم پاڪستان جي نئين نقشي تي ڀارتي اعتراض رد ڪري ڇڏيا.  قومي سلامتي جي صلاحڪارن واري اجلاس ۾ ڀارتي صلاحڪار اجيت دول اعتراض اٿاريو هو پاڪستان جي نمائندگي قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ڪئي. قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف اجلاس ۾ پنهنجي موقف ۾ چيو ته ڀارت کي تڪراري علائقي کي پنهنجي حصي جي طور تي دعويٰ ڪرڻ جو ڪوبه قانوني حق نه آهي. نئين جاري ڪيل سياسي نقشي ۾ ڀارت جي زمين جو ڪوبه حصو شامل نه آهي.  هن چيو ته نئون سياسي نقشو پاڪستان جي حقن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن جي نمائندگي ڪري ٿو. شنگهائي تعاون تنظيم پاڪستان جي پوزيشن تي اتفاق ڪيو. ياد رهي ته مئي ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار زلفي بخاري شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ رابطه ڪميٽي جي قيام جي تجويز ڏني هئي. اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي اهم اجلاس جي شروعات ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ميمبر ملڪن ۽ سياحتي معاملن وارن وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان، ڀارت، چين، روس، ڪرغزستان، تاجڪستان، ازبڪستان جي وزيرن به شرڪت ڪئي هئي.  پاڪستان جي نمائندگي وزيراعظم جي صلاحڪار زلفي بخاري ڪئي هئي. اجلاس ۾ عالمي سطح تي سياحتي سرگرمين جي بحالي جي ايڪشن پلان تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ عالمي وبا سبب ميمبر ملڪن ۾ سياحت جي صنعت کي پيش ايندڙ چيلنجن جو به جائزو ورتو ويو.

Read Previous

عورت جي بجاءِ مردن کي تميز سيکارڻ جي ضرورت آهي: ساره خان

Read Next

اسرائيل سان ڪيل معاهدي کان پوءِ فلسطينين جي جدوجهد متاثر نه ٿيندي: عرب امارات

Most Popular