اسرائيل سان ڪيل معاهدي کان پوءِ فلسطينين جي جدوجهد متاثر نه ٿيندي: عرب امارات

ابوظهبي: متحده عرب امارات جي پرڏيهي وزير  شيخ عبدالله بن زاهد النهيان چيو آهي ته اسرائيل سان سفارتي لاڳاپن جي قيام جو معاهدو خطي جي ترقي ۾ اهم اڳڀرائي آهي.  رپورٽ موجب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان چيو  آهي ته اسرائيل سان لاڳاپن سبب فلسطينين جي حقن ۽ ڌار رياست جي جدوجهد متاثر نه ٿيندي هي معاهدو وچ اوڀر جي ترقي جي لاءِ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندو.  واضح رهي ته بحرين ۽ متحده عرب امارات سان گڏ اسرائيل جي سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي قيام جي معاهدي تي صحيحن جي تقريب اڄ  وهائٽ هائوس ۾ مقامي وقت موجب 12 وڳي منعقد ٿيندي. معاهدي تي اسرائيل جو وزيراعظم نيتن ياهو، امارات ۽ بحرين جا پرڏيهي وزير صحيحون ڪندا ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به تقريب ۾ شرڪت ڪندو.  معاهدي تي صحيح جي تقريب لاءِ 700 ماڻهن کي دعوت ناما جاري ڪيا ويا آهن.

Read Previous

شنگهائي تعاون تنظيم والاريل ڪشمير بابت پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي

Read Next

آمريڪي صدر هڪ دفعو ٻيهر ايران تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Most Popular