ڍاڪا: بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا ۾ 14 ڏينهن جي قرنطينه کان انڪار ڪري ڇڏيو. بي سي بي جي صدر نظم الحسن چيو آهي ته اسان پنهنجو شيڊول هڪ هفتي جي قرنطينه کي نظر ۾ رکي ٺاهيو. اڳ ئي اسان جي رانديگرن 6 مهينن کان ڪابه ڪرڪيٽ ناهي کيڏي جيڪڏهن هو 14 ڏينهن هوٽل جي ڪمرن ۾ محدود رهيا ته پوءِ انهن کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تياري لاءِ صرف هڪ هفتو ئي ملي سگهندو. ٻئي طرف سريلنڪا جي راندين واري وزير ناميل راجا پڪسي ٽوئٽ ڪيو ته اسان بورڊ اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪورونا وائرس ٽاسڪ فورس سان صلاح مشوري کان پوءِ هن معاملي جو مناسب حل ڪڍن.