پي سي بي پاڪ زمبابوي سيريز لاءِ ڪورونا ايس او پيز تيار ڪري ورتي

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) پاڪ زمبابوي سيريز جي لاءِ ڪورونا ايس او پيز تيار ڪري ورتيون آهن.  ذريعن موجب انگلينڊ سيريز جيان احتياطي قدمن ۾ رانديگرن جي بائيو سيڪيوريبل ۾ منتقلي ۽ ڪورونا ٽيسٽنگ شامل  آهن. زمبابوي جي پاڪستان جي دوري لاءِ پي سي بي جون تياريون جاري آهن. جڏهن ته سيريز جي شيڊول کي حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏ ڪورونا  پروٽوڪول به ٺاهيا ويا آهن. بورڊ ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگرن جي بائيو سيڪيوريبل ۾ منتقلي ۽ ڪورونا ٽيسٽنگ طئي ڪيل پروٽوڪول ۾ شامل آهن.  پي سي بي ايندڙ هڪ  ٻن ڏينهن ۾ ڪورونا ايس او پيز زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ ڏانهن موڪليندو. زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ انتظامن تي نظرثاني ڪري پنهنجي حڪومت کان حتمي اجازت وٺندو.

Read Previous

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا ۾ چوڏنهن ڏينهن جي قرنطينه کان انڪار ڪري ڇڏيو

Read Next

اوهان جا جذباتي لفظ نفسياتي ۽ جسماني صحت جي نشاندهي ڪندا آهن: ماهر

Most Popular