بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا ۾ چوڏنهن ڏينهن جي قرنطينه کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڍاڪا: بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا ۾ 14 ڏينهن جي قرنطينه کان انڪار ڪري ڇڏيو. بي سي بي جي صدر نظم الحسن چيو آهي ته اسان پنهنجو شيڊول هڪ هفتي جي قرنطينه کي نظر ۾ رکي ٺاهيو. اڳ ئي اسان جي رانديگرن 6 مهينن کان ڪابه ڪرڪيٽ ناهي کيڏي جيڪڏهن هو 14 ڏينهن هوٽل جي ڪمرن ۾ محدود رهيا ته پوءِ انهن  کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تياري لاءِ صرف هڪ هفتو ئي ملي سگهندو. ٻئي طرف سريلنڪا جي  راندين واري وزير ناميل راجا پڪسي ٽوئٽ ڪيو ته اسان بورڊ اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪورونا وائرس ٽاسڪ فورس سان صلاح مشوري کان پوءِ هن معاملي جو مناسب حل ڪڍن.

Read Previous

آمريڪي صدر هڪ دفعو ٻيهر ايران تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Read Next

پي سي بي پاڪ زمبابوي سيريز لاءِ ڪورونا ايس او پيز تيار ڪري ورتي

Most Popular