اوهان جا جذباتي لفظ نفسياتي ۽ جسماني صحت جي نشاندهي ڪندا آهن: ماهر

لنڊن: نفسياتي ماهرن هڪ دلچسپ تحقيق پيش ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به شخص جي طرفان جذبات ۽ احساسن سان ڀريل زبان ۽ لکت کي ڏسندي ان جي دماغي، جسماني ۽ نفسياتي صحت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. يعني جيڪڏهن اوهان پنهنجي ڳالهين ۾ ڪنهن صورتحال کي بيان ڪرڻ جي لاءِ احساسن۽ جذباتن جي لاءِ منفي  لفظ استعمال ڪندا آهيو ته اها اوهان جي جسماني ۽ دماغي صحت جي ناسازي کي ظاهر ڪندو آهي. اها تحقيق يونيورسٽي آف پنس برگ اسڪول آف ميڊيسن جي سائنسدانن ڪئي آهي ۽ ان جا تفصيل نيچر ميڊيسن ۾ شايع ٿيا آهن. ٻئي طرف جيڪڏهن اوهان جون ڳالهيون مثبت جذبن جي لفظن ۽ احساسن تي ٻڌل آهن ته اها سٺي دماغي ۽ جسماني صحت جي نشاني آهي. يعني ڪنهن جا منفي لفظ ان  کان مثبت جذباتي صحت کي ظاهر ڪندا آهن جيڪو هڪ تندرست دماغ جي نشاني به آهي.

Read Previous

پي سي بي پاڪ زمبابوي سيريز لاءِ ڪورونا ايس او پيز تيار ڪري ورتي

Read Next

فيس بڪ ميسنجر تي هاڻ پنجاهه ماڻهو وڊيو ڪالنگ جي سهوليت مان فائدو وٺي سگهندا

Most Popular