لنڊن: نفسياتي ماهرن هڪ دلچسپ تحقيق پيش ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به شخص جي طرفان جذبات ۽ احساسن سان ڀريل زبان ۽ لکت کي ڏسندي ان جي دماغي، جسماني ۽ نفسياتي صحت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. يعني جيڪڏهن اوهان پنهنجي ڳالهين ۾ ڪنهن صورتحال کي بيان ڪرڻ جي لاءِ احساسن۽ جذباتن جي لاءِ منفي لفظ استعمال ڪندا آهيو ته اها اوهان جي جسماني ۽ دماغي صحت جي ناسازي کي ظاهر ڪندو آهي. اها تحقيق يونيورسٽي آف پنس برگ اسڪول آف ميڊيسن جي سائنسدانن ڪئي آهي ۽ ان جا تفصيل نيچر ميڊيسن ۾ شايع ٿيا آهن. ٻئي طرف جيڪڏهن اوهان جون ڳالهيون مثبت جذبن جي لفظن ۽ احساسن تي ٻڌل آهن ته اها سٺي دماغي ۽ جسماني صحت جي نشاني آهي. يعني ڪنهن جا منفي لفظ ان کان مثبت جذباتي صحت کي ظاهر ڪندا آهن جيڪو هڪ تندرست دماغ جي نشاني به آهي.