فيس بڪ ميسنجر تي هاڻ پنجاهه ماڻهو وڊيو ڪالنگ جي سهوليت مان فائدو وٺي سگهندا

لنڊن: فيس بڪ ميسنجر تي پنهنجي پارن سان گڏجي وڊيوز ڏسڻ هاڻ ممڪن ٿي ويو. صارفين هاڻ پنهنجي چاهيندڙن سان گڏ رئيل ٽائيم ۾ گڏ وڊيو ڏسي سگهن ٿا. ان کان اڳ فيس بڪ جي ملڪيت ڪمپني واٽس ايپ طرفان به وڊيو ڪالنگ ۾ هڪ وقت ۾ 4 صارفين جي گنجائش کي وڌائي 8 ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر هاڻ سماجي رابطن جي مشهور ترين پليٽ فارم فيس بڪ به زوم جي نقش قدم تي هلندي ميسنجر رومز متعارف ڪرايو آهي. ان کان اڳ فيس بڪ مسنجر جي ذريعي وڊيو ڪالنگ ڪري سگهجي ٿي. پر هاڻ فيس بڪ تي هڪ ئي وقت 50 ماڻهو  ميسنجرر رومز جي ذريعي گڏجي وڊيو ڪالنگ ڪري سگهن ٿا. بالڪل زوم جيان فيس بڪ ميسنجر تي به صارف لنڪ موڪلي ٻئي شخص کي ڪانفرنس ڪال ۾ شامل ڪري سگهن ٿا جنهن ۾ 50 ماڻهن کي شامل ڪرڻ جي گنجائش آهي.  ڪمپني  ان حوالي سان چيو آهي ته ميسنجر روم نالي فيچر جي ذريعي صارفين وڊيو هب فيس بڪ واچ سان وڊيوز ۽ شوز چونڊ ڪري پنهنجي پيارن سان گڏ   ڏسي سگهن ٿا.

Read Previous

اوهان جا جذباتي لفظ نفسياتي ۽ جسماني صحت جي نشاندهي ڪندا آهن: ماهر

Read Next

سنڌ حڪومت پاران 6 مهينن بعد اسڪول کوليا ويا

Most Popular