سنڌ حڪومت پاران 6 مهينن بعد اسڪول کوليا ويا

لاڙڪاڻو :سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي طرفان 6 مهينن کان پوءِ ٻيهر اسڪول کولڻ واري اعلان تحت ڪالھ صوبي جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ضلعي جا سمورا سرڪاري توڙي خانگي هاير سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪولز ايس او پيز تحت کوليا ويا، اسڪول کلڻ جي پهرين ڏينهن تي شاگردن توڙي شاگردياڻين جي حاضري گهٽ رهي، جڏهن ته ڪلاس روم ۾ سماجي وٿي رکڻ واري فيصلي تي عمل ڪندي شاگردن توڙي شاگردياڻين کي 6 فٽن جي مفاصلي تي ويهاري تدريسي عمل شروع ڪيو ويو، جڏهن ته شاگردن توڙي شاگردياڻين ۽ استادن پاران ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ ماسڪ پائڻ، صابڻ سان هٿ ڌوئڻ سميت ٻين احتياتي تدبيرن تي عمل ڪيو ويو. هوڏانهن شاگردن ۽ استادن جو چوڻ هيو ته ٻيهر اسڪول کلڻ ۽ تعليمي سرگرمي بحال ٿيڻ تي اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، ايس او پيز تي عمل ڪندي تدريسي عمل کي جاري رکيو ويندو. هنن چيو ته ڪرونا هڪ خطرناڪ وبا آهي، جنهن سڄي دنيا سميت اسان جي ملڪ ۾ به تباهي مچائي ڇڏي هئي ۽ اسان جي تعليم پڻ سخت متاثر ٿي هئي، حڪومت طرفان بهتر اپاءُ وٺڻ تي ڪرونا کي شڪست ملي رهي آهي ۽ زندگي جون رونقون بحال ٿي رهيون آهن، اميد آهي ته اسان کي جلد ئي هن وبا مان مڪمل طور تي ڇٽڪارو ملي ويندو.    

Read Previous

فيس بڪ ميسنجر تي هاڻ پنجاهه ماڻهو وڊيو ڪالنگ جي سهوليت مان فائدو وٺي سگهندا

Read Next

ريلوي پوليس جي تشدد ۾ هوش وڃائي ويٺل نوجوان جي طبعيت ۾ سڌارو نه آيو،ڪنهن نوٽيس نه ورتو

Most Popular