متحد قوم کي ڪو به خطرو ڪمزور نٿو ڪري سگهي: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه راولپنڊي ۾ ليفٽيننٽ ناصر حسين جي گهر ويو ۽ شهيد جي ڪٽنب سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي آرمي چيف فاتحه خواني ڪئيآرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ليفٽيننٽ ناصر حسين مادر وطن جي دفاع جو حق ادا ڪندي پنهنجي زندگي جو نذرانو پيش ڪيو، هن شهيد جي ڪٽنب جي حوصلي تي به خراج تحسين پيش ڪيوجنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ پنهنجي هيروز جو قدر ڪري ٿي، ڪو به خطرو متحد قوم کي ڪمزور نٿو ڪري سگهيياد رهي ته ليفٽيننٽ ناصر حسين خالد 3 سيپٽمبر تي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيو هو. 

Read Previous

اي پي سي: بلاول ڀٽو اپوزيشن پارٽين سان رابطن جي ذميواري قمرزمان ڪائره حوالي ڪري ڇڏي

Read Next

مروه جي والدين کي گهرائڻ تي سوشل ميڊيا صارفين ندا ياسر تي ڪاوڙجي پيا

Most Popular