مروه جي والدين کي گهرائڻ تي سوشل ميڊيا صارفين ندا ياسر تي ڪاوڙجي پيا

ڪراچي: خانگي ٽي وي جي مارننگ شو جي ميزبان اداڪاره ندا ياسر ڪراچي ۾ زيادتي کان پوءِ قتل ٿيندڙ 5 ساله مروه جي والدين کي پروگرام ۾ گهرائڻ ۽ ڏکائيندڙ واقعي بابت سوال ڪيا جنهن تي سوشل ميڊيا صارفين ڪاوڙ جو اطهار ڪندي پيمرا کان شو بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي علائقي عيسيٰ نگري ۾ 5 ساله مروه کي ٻن جوابدارن زيادتي جو نشانو بنايو ۽ لاش ڪچري ۾ اڇلي ڇڏيو هو هن ڏکوئيندڙ واقعي تي هر  اک آلي ۽ هر دل ڏک سان ڀريل آهي. اهڙي ۾ ندا ياسر پنهنجي مارننگ شو ۾ مروه جي والدين کي گهرايو ۽ واقعي بابت ڪيترائي سوال پڇيا.  ندا ياسر پنهنجي پروگرام ۾ مشهور سماجي ڪارڪن صارم برني ۽ هڪ قانوندان کي به گهرايو. پروگرام جي دوران ندا ياسر واقعي بابت والدين کان سوال ڪيا جنهن تي برقعو پاتل مروه جي والده روئڻ لڳي ۽ هڪ موقعي تي ندا ياسر به پنهنجي جذبات تي قابو نه رکي سگهي. مارننگ شو  جي وڊيو ڪلب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ته صارفين ندا ياسر تي ڪاوڙجي پيا.  صارفين چيو ته مظلوم والدين سميت پوري دنيا جي سامهون اهڙي طرح جا سوال ان جي دل جوئي بجاءِ انهن کي وڌيڪ ڏک ۾ مبتلا ڪرڻ جو سبب بڻي. هڪ صارف لکيو ته ميزبان هڪ ڀيرو ٻيهر ڏک ۾ ورتل والدين جا زخم تازه ڪري ڇڏيا. هڪ صارف لکيو ته ميڊيا کي اخلاقيات سکڻ ۽ ضابطه اخلاق تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ڪجهه صارفين پيمرا طرفان  اڃان تائين پروگرام تي پابندي نه لڳائڻ تي تعجب جو اظهار به ڪيو.

Read Previous

متحد قوم کي ڪو به خطرو ڪمزور نٿو ڪري سگهي: آرمي چيف

Read Next

بشارالاسد کي قتل ڪرڻ چاهيو ٿي پر بچاءُ واري وزير روڪي ڇڏيو؛ ٽرمپ جو انڪشاف

Most Popular