لاڙڪاڻي ڀرسان پکو روڊ وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب نوجوان فوت.

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ڀرسان پکو روڊ وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب نوجوان فوت. رپورٽ موجب پکو روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب 16 سالا نوجوان طارق پٽ سمندر مغيري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي سندس وارثن طرفان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته تيز رفتاري سبب نوجوان جي ڪنٽرول مان موٽرسائيڪل نڪري وئي ۽ اهڙو حادثو پيش آيو آهي.

Read Previous

سڀ ويهي حڪومت بابت فيصلو ڪنداسين

Read Next

نصيرآباد: شهر ۾ڪيميڪل، پائوڊر مان تيار ڪيل کير ۽ نقلي پتي جو وڪرو عام انتظاميا نوٽيس نه ورتو.

Most Popular