نصيرآباد: شهر ۾ڪيميڪل، پائوڊر مان تيار ڪيل کير ۽ نقلي پتي جو وڪرو عام انتظاميا نوٽيس نه ورتو.

نصيرآباد:نصيرآباد شهر ۾ڪيميڪل، پائوڊر مان تيار ڪيل کير ۽ نقلي  پتي جو وڪرو عام ٿي ويو،نقلي کير،پتي جي چانھ پئيندر مختلف بيمارين ۾مبتلا ٿي ويا فوڊ اٿارٽي سميت ڪنهن به انتظاميا نوٽيس نه ورتو.تفصيل موجب:نصيرآباد ۽آس پاس جي علائقن ۾ ڪيمڪل ۽ پائوڊر مان تيار ڪيل کير جو وڪرو عام ٿي ويو، کير جي استعمال ڪرڻ سان اڪثر ماڻهو پيٽ، ڇاتي جي سور سميت گردن ۽ٻين مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا،اڪثر هوٽلن تي ڪيميڪل، پائوڊر واري کير ۽نقلي پتي مان تيار ٿيل چانھ هلڻ لڳي، کير ۽چانھ جي استعمال ڪرڻ سان وات جي خشڪي،وات ڪوڙو ۽ڊائريا۽ گردن جي بيمارين ۾مبتلا ٿي ويا،سوشل۽ پرنٽ ميڊيا تي بار بار نشاندهي ڪرڻ باوجود فوڊ انتظاميا ۽ تعلقي انتظاميا اهڙن عوام دشمنن عناصرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي ، شهر جي سڄاڻ ڌرين، شهرين فوڊ انتظاميا ،ڊي سي قمبر ۽ايس ايس پي قمبر کان  مطالبو ڪيو ته نصيرآباد ۽ان جي آس پاس جي علائقن ۾ڪيمڪل مان تيار ڪندڙن کير، نقلي پتي  وارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري عوام کي موضي مرضن کان بچايو وڃي ۽ هوٽلن تي وڪرو ڪندڙ چانھ وارن خلاف نوٽيس وٺي بندش لڳائي وڃي .

Read Previous

لاڙڪاڻي ڀرسان پکو روڊ وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب نوجوان فوت.

Read Next

ڀٽ شاهه: شاعرن جي سرتاج بادشاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي تقريب موجهاري جو شڪار

Most Popular