سڀ ويهي حڪومت بابت فيصلو ڪنداسين

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ جي ڪارروائي کي پيرن هيٺان چِٿيو ويو، اي پي سي ۾ حڪومت جو فيصلو ڪنداسين. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي بائيڪاٽ کانپوءِ ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. شهباز شريف چيو ته اڄ پارليامينٽ جي ڪارروائي کي پيرن هيٺان چِٿيو ويو ۽ اسپيڪر اسان جي ترميمن تي بحث ئي نه ٿيڻ ڏنو، اپوزيشن ايف اي ٽي ايف بابت 12 بلن جي حمايت ڪري چڪي آهي پر ان باوجود اسان جي حق تي ترميمن کي رد ڪيو ويو، ايف اي ٽي ايف بلن جي منظوري ۾ اپوزيشن پاڪستان جي مفاد جو ساٿ ڏنو، اسان ايف اي ٽي ايف تي 12 بل پاس ڪيا، ان تي سڀني اپوزيشن جماعتن پاڪستانيت جو ثبوت ڏنو. هن چيو ته مان اسپيڪر ڊائس تائين ويس پر انهن مون سان ڳالهايو ئي نه، اسپيڪر اڄ ريڊ لائن پار ڪري ڇڏي، اڄ پهريون ڀيرو اپوزيشن ليڊر کي به ايوان ۾ ڳالهائڻ نه ڏنو ويو، اڄ اسپيڪر مون سان اکين ۾ اکيون ملائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جمهوري تاريخ ۾ اڄ هڪ ڪارو ڏينهن آهي، اڄ اسپيڪر جو رويو سليڪٽڊ وزيراعظم جي هدايتن تي هو، اسپيڪر سڀني پارلياماني روايتن کي چِٿي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته انهن هڪ ڪارو قانون منظور ڪرائڻ چاهيو، اهي 180 ڏينهن تائين ڪنهن کي به بنا اطلاع گرفتار ڪرڻ چاهين ٿا، اجلاس ۾ بحث ٿي سگهي ٿو، اسپيڪر اهو نه ڪرڻ ڏنو، اها چوندا هئا ته اپوزيشن اين آر او ٿي گهري، اپوزيشن ته اڳ ئي نيب جو شڪار آهي، اپوزيشن ته اڳ ئي نيب کي حوصلي سان برداشت ڪري رهي آهي. مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته اسپيڪر حب ميٽنگ گهرائيندو هو ته اسان جا نمائندا ويندا هئا، اسان ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان پنهنجي ذميواري کي نڀايو پر اسپيڪر اسان سڀني کي تمام گهڻو مايوس ڪيو، اي پي سي ۾ اسان سڀ ويهي حڪومت جي حوالي سان فيصلو ڪنداسين، اسان پتو لڳرائي رهيا آهيون ته ڪير ڪير ايوان مان غير حاضر رهيو. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان سڀ هتي سڄي پاڪستان مان چونڊجي آيا آهيون، اهم قانون سازي هئي، جنهن جا نتيجا سڄي ملڪ تي پوندا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اهو سڀ غير آئيني آهي. هن چيو اسپيڪر کي اجازت ناهي ته اهو مخالف ڌر اڳواڻ کي روڪي سگهي، اسپيڪر نه رڳو روڪيو پر ڪنهن کي ڳالهائڻ نه ڏنو، اسان جيڪو پهريون اعتراض ڪيو هو اهو حڪومت جي مدد ۽ سمجهائڻ لاءِ هو، سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي سين ته عدالت جي فيصلي کانپوءِ ڪو صلاحڪار بل پيش نٿو ڪري سگهي، مان ايترو غير جمهوري رويو ڪڏهن ناهي ڏٺو. سندس چوڻ هو ته انهن هاڻ عوام جي وارنٽ جي حق کي ختم ڪيو آهي، هاڻ پوليس کي ڪنهن جي گرفتاري لاءِ وارنٽ جي ضرورت نه هوندي، هڪ محب وطن هوندي اسان ترميمون پيش ڪرڻ پئي چاهيون پر اهڙو رويو ايوان جو ماحول خراب ڪري ڇڏيندو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت ان خوف کان ٻيهر ڳڻپ نه ڪرائي ته اها وائکي ٿي ويندي، منهنجو مطالبو رهيو آهي ته اهڙا معاملي تي هڪ وڏو گڏيل اجلاس ٿيڻ گهرجي، هاڻ اسان کي جمهوريت جي بحالي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، اڄ پاڪستان جي جمهوري تاريخ تي وڏو حملو ٿيو آهي، اسان کي شڪ آهي ته حڪومت اڄ ايڊوائيزرز کي ووٽ ۾ شامل ڪيو، حڪومت کي ٻيهر ڳڻپ ۾ ڪهڙو مسئلو هو؟ سموري اپوزيشن ان تي سخت احتجاج ڪندي. پ پ چيئرمين عدم اعتماد واري رٿ آڻڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته اسان کي گڏجي ٺوس فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪيئن اسان ان کي درست ڪري سگهون ٿا، منهنجي سامهون هڪ ئي رستو عدم اعتماد جو آهي.

Read Previous

آڄ جي ڪاپي

Read Next

لاڙڪاڻي ڀرسان پکو روڊ وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب نوجوان فوت.

Most Popular