اقرا عزيز نعمان اعجاز کي هلندڙ ڦرندڙ اسڪول قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي:  اقرا عزيز نعمان اعجاز کي بهترين اداڪاره قرار ڏيندي چيو آهي ته هو هلندڙ ڦرندڙ اسڪول آهي. اداڪاره اقرا  عزيز ۽ نعمان اعجاز پهريون ڀيرو ڪنهن پراجيڪٽ ۾ گڏ ڪم ڪري رهيا آهن.  اقرا عزيز گذريل ڏينهن انسٽا گرام تي نعمان اعجاز سان گڏ پهريون ڀيرو ڪم ڪرڻ جو موقعو ملڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مان خوشقسمت آهيان جو مون کي نعمان اعجاز جهڙي بهترين اداڪار سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. اقرا عزيز نعمان اعجاز کي هلندڙ ُڦرندڙ اسڪول قرار ڏيندي چيو ته اوهان کان گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملندو. اوهان اسان جي انڊسٽري جا ليجنڊ آهيو. 32 سالن  کان اسان سڀني کي پنهنجي ڪم جي ذريعي تفريح فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ان جي باوجود اوهان ۾ تمام گهڻي عاجزي ۽ انڪساري آهي مان ان کان اڳ  پهرين ڪڏهن به ايتري خوش ناهيان ٿي.  واضح رهي ته اقرا عزيز ۽ نعمان اعجاز ڊرامه سيريل(رقيب سي) ۾ گڏ ڪم ڪري رهيا آهن. ڊرامي جو اسڪرپٽ، ڊائيلاگز ۽ منظرنامو مشهور رائٽر بي گل لکيو آهي. جڏهن ته ان جي هدايت ڪاشف نثار ڏني آهي. ڊرامي ۾ ثانيه سعيد به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

Read Previous

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب عورت سميت چار ڪشميري نوجوان شهيد

Read Next

سعودي عرب ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان کان مدد گهري ورتي

Most Popular