والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب عورت سميت چار ڪشميري نوجوان شهيد

سرينگر   قابض ڀارتي فوج سرچ آپريشن دوران 4 ڪشميري نوجوانن ۽ هڪ عورت کي شهيد ڪري ڇڏيو.  والاريل وادي ۾ قابض ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جي دوران فائرنگ ڪري 4 ڪشميرين سميت هڪ عورتن کي شهيد ڪيو ويو ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج سرينگر  ۾ نام نهاد سرچ آپريشن دوران 4 ڪشميري نوجوانن ۽ هڪ 45 ساله عورت کي شهيد ڪري ڇڏيو.  ڪشمير ميڊيا سروس موجب شهادتن کان پوءِ به ڀارتي فورس جو علائقي ۾ سرچ آپريشن اڃان تائين جاري آهي جڏهن ته ڪنهن به امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي علائقي ۾ انٽرنيٽ سروس کي به معطل ڪيو ويو آهي.  ياد رهي ته گذريل ڏينهن  به سوپور ۾ قابض فوج تجر شريف جي علائقي ۾ نام نهاد سرچ آپريشن دوران عرفان احمد نالي نوجوان کي گرفتار ڪيو ۽ رات دير سان نوجوان جي تشدد ٿيل لاش اڇلي ويا. جڏهن ته اُڙي ۾ سرچ آپريشن جي دوران هڪ ڪشميري نوجوان کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو.

Read Previous

ميڊونا پنهنجي زندگي تي پاڻ ئي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

اقرا عزيز نعمان اعجاز کي هلندڙ ڦرندڙ اسڪول قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular