سعودي عرب ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان کان مدد گهري ورتي

رياض:  سعودي عرب ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي وڌندڙ مشهوري کي نظر ۾ رکندي  هن راند کي هٿي ڏيارڻ جي لاءِ پاڪستان کان مدد گهري ورتي آهي. ان حوالي سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمدالمالڪي اسلام آباد ۾ وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ راندين جي ميدان ۾ تعاون تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي سفير چيو ته خطي ۾ راندين کي هٿي حاصل ٿي رهي آهي ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم به سعودي عرب ۾ مشهوري حاصل ڪري رهي آهي جنهن جي ڪري هي راند سعودي عرب ۾ به ڪافي مشهوري ٿي رهي آهي.  هن چيو ته اسان ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. سعودي عرب ۾ به ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيارڻ چاهيون ٿا. ملاقات ۾ راندين جي مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۽ تجربن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

Read Previous

اقرا عزيز نعمان اعجاز کي هلندڙ ڦرندڙ اسڪول قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

آءِ سي سي پاران جاري ڪيل رينڪنگ ۾ ڪوهلي پهرين ۽ بابر اعظم جي ٽئين پوزيشن

Most Popular