جيئي سنڌ محاذ ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيء پاران سنڌ جي وسيلن ۽ شھرن وارثي لاءِ ريلي جو اعلان

گڏاپ : جيئي سنڌ محاذ ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيء پاران سنڌ  جي وسيلن ۽ شھرن مٿان ڌرتي ڌڻين جي وارثيء ۽ حڪمرانيء واري حق جي بحاليء خاطر 27سيپٽمبر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪراچي سنڌ آهي جي نالي سان تحفظ  سنڌ ريليء ۾ شريڪ ٿيڻ جي نينڍ ڏيڻ لاء چيئرمين جيئي سنڌ محاذ رياض علي چانڊيو ، نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيء جي صدر ممتاز بروهيء،جيئي سنڌ محاذ جي ڊپٽي سيڪريٽري غفار ميرجت سان گڏ خميسو ڳوٺ نئين ڪراچيء پھتو. جتي   پرجوش استقبال ڪري گلن جي وکا ڪئي وئي  خميسي ڳوٺ ۾ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءجي مرڪزي سيڪريٽريٽ تي ٿيل ڪارنر گڏجاڻيء ۾ نيشنل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي مرڪزي صدر ممتاز بروهي ، جسقم اوله جي صدر اصغر بروهي جسقم ضلعي جنرل سيڪريٽري انور جماليء سان گڏ، ڳوٺاڻا ۽ قومي ورڪر شريڪ ٿياجيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض چانڊيو ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آھي جنهن کي هڪ سازش تحت ڌار ڪرڻ جون ناڪام سازشون ٿي رهيون آھن. سنڌين کي قومي ٻڌي ۽ ايڪي جو مظاهرو ڪندي، ستاويهين سيپٽمبر واري ريليء ۾ وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿي سنڌ جي ويرين کي منھن ٽوڙ جواب ڏيڻو آهي.ان موقعي تي اين ڊي پي جي مرڪزي صدر ممتاز بروهي چيو ته مهمان ڪيترا به گهڻا ڇو نه هجن ميزبان توڻي هڪ ئي ڇو نه هجي پر ڀاڳيو ڀاڳيو ئي رهندو آھي اسان سنڌ جا والي وارث آھيون. پنھنجي حقن، وسيلن ۽ شھرن جي وارثي۽ واهر لاء اسان کي منظم ٿيڻو پوندو . جسقم اڳواڻ اصغر بروهيء گڏجاڻيء کي خطاب ڪندي چيو ته شھيد بشير خان قريشي جي سنت تي عمل ڪندي لکين سنڌين کي ڪراچي ۾ گڏ ٿي ڌارين کي ٻڌائڻو آھي ته سنڌي جاڳن پيا ۽ ڪراچي سنڌين جو شھر آھي .آخر ۾ ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ  سمورن سنڌ پرستن عھد ڪيو ته ستاويھ سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ رٿيل تحفظ سنڌ ريليء ۾  ٻارين ٻچين شرڪت ڪري دنيا کي باور ڪرائينداسي ته ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ جا وارث جاڳن  ٿا.

Read Previous

سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ۽ هينڊز ۾ وڌيڪ 20 هزار ٻوٽا پوکڻ جو معاهدو

Read Next

سيتا سوشل اسٽوڊنٽس ڪائونسل طرفان پبلڪ لائبريري جي حاصلات لاءِ ريلي

Most Popular