سيتا سوشل اسٽوڊنٽس ڪائونسل طرفان پبلڪ لائبريري جي حاصلات لاءِ ريلي

سيتاروڊ :  سيتا سوشل  اسٽوڊنٽس ڪائونسل طرفان پبلڪ لائبريري جي حاصلات لاء احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو ريلي جي اڳواڻي سيتا اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي اسد سولنگي ڪئي ريلي ميمڻ محلا اسڪول کان شروع ٿي ريلي ۾ شريڪ شاگردن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪندي شھر جي مکيہ رستن کان ٿيندا درويش بازار شاھي بازار کان ٿيندا سيتاروڊ پريس ڪلب پھتا. جتي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ سيتاروڊ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جا نوجوان شاگرد پبلڪ لاىبريري جي حاصلات لاء مسلسل جدوجھد ڪري پئي پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي تہ اسان جي چونڍيل نمائندا الائي جو ڇو خاموش تماشائي بڻيل آھن الائي ڇو انھن کي اسان جي جدوجھد يا تحريڪ نظر نہ پئي اچي اھي نٿا ڇاھين تہ اسان جو نوجوان نسل پڙھي لکي اڳتي نڪري سگھي اسان ھتان جي چونڍيل نمائندن اعلي اختيارين کي اپيل ٿا ڪيون تہ خدارا پبلڪ لائبريري اسان جو بنيادي حق آھي جيڪو اسان کي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ تحريڪ کي اڃا وڌيڪ اثرائتو بڻائبو ۽ ڌرڻا ھنيا ويندا. ريلي ۾ شريڪ شاگردن ۾ سجاد چانڍيو مدثر چنہ وسيم ڀرڳڙي راحيل سيال نعمان سيال سيف سولنگي بلاول پنھور آصف جانوري ۽ غلام قادر قمبراڻي شامل ھئا.

Read Previous

جيئي سنڌ محاذ ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيء پاران سنڌ جي وسيلن ۽ شھرن وارثي لاءِ ريلي جو اعلان

Read Next

جيڪب آباد ۾ آل پارٽيز جو وڌندڙ بدامني خلاف 11ڏيهن به احتجاج جاري

Most Popular