ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور جي صدارت هيٺ اجلاس، پوليو بابت اهم فيصلا

لاڙڪاڻو  : ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چيو آهي ته پوليو هڪ موذي مرض آهي، جنهن کان بچاءَ لاءِ 5 سالن تائين عمر جي هر ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا  ڦڙا لازمي پياريا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي آفيس ۾ پوليو بابت هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ گذريل پوليو رائونڊ تي ويچاريو ويو، جڏهن ته ايندڙ پوليو رائونڊ متعلق پڻ حڪمت عملي جوڙي وئي. هن چيو ته ضلعي اندر هڪ ڏينهن کان پنجن سالن تائين عمر جي سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري 21 کان 26 سيپٽمبر 2020ع تائين شروع ٿيندڙ مهم کي ڪامياب بڻايو وڃي ۽ ايس او پيز تحت سينيٽائيزر، ماسڪ ۽ سماجي فاصلن کي مدي نظر رکندي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن ته جيئن ڪو به ٻار پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کان رهجي نه  وڃي. هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته جيڪو عملو پوليو ڊيوٽي کان غير حاضر رهي ان خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. هن پوليس عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي ته پوليو ٽيمن جي  سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي.  ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنرلاڙڪاڻو صحت کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڏنيون ته اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن تي عمل ڪيو وڃي ته جيئن ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ۽ پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ضلعي جي سمورن شهرن، ڳوٺن، اسپتالن، بس اسٽينڊس، بازارن ۽ عام هنڌن تي پنجن سالن تائين عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا وڃن.

Read Previous

مالي سال 2018ع جي دوران ٽيڪس ڪليڪشن ۾ ڪنهن ڪيترو ٽيڪس ڏنو

Read Next

لاڙڪاڻي جي نور ڪالوني واسي بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular