مالي سال 2018ع جي دوران ٽيڪس ڪليڪشن ۾ ڪنهن ڪيترو ٽيڪس ڏنو

اسلام آباد:  فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽيڪس ڊائريڪٽري 2018ع جاري ڪري ڇڏي. مالي سال 2018ع جي دوران ٽيڪس ڪليڪشن ۾ سنڌ بازي کڻي وئي ۽ پهرين نمبر تي اچي وئي.  فائلرز وڌيڪ هئڻ جي باوجود پنجاب ٽيڪس ڪليڪشن ۾ ٻئي نمبر تي آيو.  ڪهڙي صوبي ڪيترو ٽيڪس ڏنو: سنڌ مان 44.91 سيڪڙو، پنجاب 34.99، اسلام آباد 14.77، ڪي پي ڪي 3.54، بلوچستان 1.67 ۽ گلگت بلتستان مان 0.12 سيڪڙو ٽيڪس گڏ ٿيو. ڪراچي پهرين نمبر تي: ڪراچي مان سڀ کان وڌيڪ 209 ارب 10 ڪروڙ 71 لک 38 هزار ٽيڪس گڏ ٿيو. ڪراچي ڏکڻ مان 114 ارب 22 ڪروڙ 99 لک 55 هزار، سينٽرل ڪراچي مان 9 ارب 5 ڪروڙ 93 لک 71 هزار رپيا، اوڀر ڪراچي مان 34 ارب 9 ڪروڙ 25 لک رپيا ٽيڪس گڏ ٿيو. اسلام آباد مان 204 ارب 14 ڪروڙ 86 لک 73 هزار رپيا، فيصل آباد مان 16 ارب 26 ڪروڙ 41 لک 48 هزار رپيا، گجرانوالا مان 7 ارب 92 ڪروڙ 62 لک 64 هزار ٽيڪس گڏ ڪيو. سياستدانن ۾ نمبر ون: مالي سال 2018 دوران پارليامينٽ ميمبرن جي ٽيڪس تفصيل به جاري ڪئي وئي جنهن موجهب ٽيڪس ادا ڪندڙ سياستدانن ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي پهرين نمبر تي رهيو جنهن 24 ڪروڙ 13 لک 29 هزار 362 ٽيڪس ادا ڪيو. وزير اعظم، شهباز شريف، آصف زرداري ۽ بلاول ڪيترو ٽيڪس ڏنو: وزير اعظم عمران خان 2 لک 82 هزار 449 رپيا، شهباز شريف 97 لک 30 هزار 595 رپيا، رياض فتيانه 11 هزار رپيا ٽيڪس ڏنو، فرخ حبيب 1 لک 83 هزار 727 رپيا ٽيڪس ڏنو. راڻا ثناءُ الله 13 لک 88 هزار 275 رپيا، حماد اظهر 5 ڪروڙ 94 لک 42 هزار 700 رپيا،  اسد عمر 53 لک 46 هزار 342 رپيا ۽ شيخ رشيد 5 لک 79 هزار 11 رپيا ٽيڪس ڏنو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 1 لک 83 هزار 9 سئو رپيا، نور عالم خان 30 هزار 458، عمر ايوب 2 ڪروڙ 60 لک 55 هزار 517، بلاول ڀٽو زرداري 2 لک 94 هزار 117 رپيا، آصف علي زرداري 28 لک 89 هزار 455 رپيا ۽ حمزه شهباز 87 لک 5 هزار 368 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو. ٽيڪس نه ڏيندڙ: پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا ڪو به ٽيڪس ادا ناهي ڪيو. وڏا وزير: خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان 2 لک 35 هزار 982 رپيا، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان 48 لک 18 هزار 948 رپيا ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 10 لک 22 هزار 184 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو. مراد علي شاهه ايسوسيئيشن آف پرسنز جي صورت ۾ به 63 لک 54 هزار 761 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو.

Read Previous

سنڌ ۾ سيڪنڊري ڪلاسز نه کولڻ جو فيصلو

Read Next

ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور جي صدارت هيٺ اجلاس، پوليو بابت اهم فيصلا

Most Popular