لاڙڪاڻي جي نور ڪالوني واسي بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي

لاڙڪاڻو:  لاڙڪاڻي شهر جي نور ڪالوني جي رهواسين طرفان بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ مسمات عابده خاتون وڳڻ پنهنجي مڙس محمد اعظم وڳڻ ۽ ٻارڙن عامر، رابيل، دعا ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجو بااثر ڀيڻيو صديق وڳڻ رات جي وقت بيگناھ گهر ۾ داخل ٿي مون سميت معصوم ٻارڙن مٿان سخت تشدد ڪيو، اهڙي واقعي جو ڪيس مان لاڙڪاڻي جي مقامي عدالت ۾ داخل ڪرايو آهي، جنهن کان پوءِ ڀيڻيو صديق وڳڻ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مونکي موتمار ڌميڪون ڏئي رهيو آهي، جنهن مان مونکي سميت منهنجي ڀاءُ شهزادو وڳڻ ۽ معصوم ٻچن کي جان جو خطرو آهي. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر ڀيڻيو خلاف قانوني ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.   

Read Previous

ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور جي صدارت هيٺ اجلاس، پوليو بابت اهم فيصلا

Read Next

ٺٽو: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرI- عبيدالله پهوڙ جي صدارت هيٺ اجلاس

Most Popular