ٺٽو: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرI- عبيدالله پهوڙ جي صدارت هيٺ اجلاس

ٺٽو: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرI- عبيدالله پهوڙ جي صدارت هيٺ دربار هال مکلي ۾ پوليو ريڊينيس گڏجاڻي منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حفيف ميمڻ، مرف جي نمائندي ڊاڪٽر دائود هيلايو، ضلعي فوڪل پرسن ڊاڪٽر نظير احمد خواجه، ڊبليو ايڇ او پاران پوليو ايراڊيڪيشن آفيسر اعجاز علي خواجه، يونيسف جي ضلعي هيلٿ ڪميونيڪيشن آفيسر اعجاز جاکرو کان علاوه صحت، پوليس، تعليم ۽ ٻين مختلف لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته 21 سيپٽمبر کان ٺٽي ضلعي ۾ پوليو مهم شروع ڪئي ويندي ۽ مهم دوران 5 سالن کان گھٽ عمر جي 2 لک 19 هزار ست سئو ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي. فوڪل پرسن ڊاڪٽر نظير احمد خواجه موجب پوليو مهم لاءِ 636 موبائل، 48 فڪسڊ ۽ 59 ٽرانزٽ پوليو ٽيمون جوڙيون ويون آهن جيڪي گھرن کان علاوه اسڪولن ۾ پڻ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارينديون جڏهن ته بنيادي صحت مرڪزن، اسپتالن ۽ بس اسٽاپن تي پڻ پوليو ٽيمون موجود هونديون. 21 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم 27 سيپٽمبر تائين جاري رهندي جنهن دوران 5 ڏينهن مهم جڏهن ته 2 ڏينهن ڪيچ اپ لاءِ هوندا. بعد ۾ عوام ۾ پوليو بابت سجاڳي ۽ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان  واک پڻ ڪيو ويو.

Read Previous

لاڙڪاڻي جي نور ڪالوني واسي بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي

Read Next

”شيڊول ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿي، سيڪنڊري اسڪول23 سيپٽمبر تي ئي کلندا“

Most Popular