نئين ميثاق جمهوريت کي منشور بنائي حڪومت جي خلاف روڊن تي نڪرڻو پوندو: بلاول ڀٽو

اسلام آباد:  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي نئين ميثاق جمهوريت کي پنهنجو منشور بنائي حڪومت جي خلاف نڪرڻو پوندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اي پي سي کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي عوام معاشي پريشانين جو شڪار آهي ۽ اڄ عوام اسان طرف ڏسي رهي آهي. هن ملڪ ۾ جيڪڏهن جمهوريت نه هوندي ته عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويندو. هن چيو ته معاشري ۾  ڏوهه وڌي رهيا آهن ۽ چونڊيل نمائندا نه هجڻ سبب عوام جي آواز نه پئي ٻڌي وڃي. اسان جي ڪوشش هئي ته بجيٽ کان اڳ اي پي سي ڪرايون. بلاول ڀٽو چيو ته اي پي سي سان عوامي بيان ۽ قراردادون نه پر پڪو لائحه عمل چاهيون ٿا ۽ جڏهن ملڪ ۾ جمهوريت نه هوندي آهي ته معاشري کي هر طرف کان ڪمزور ڪيو ويندو آهي.  ٻن سالن ۾ اسان جي معاشري کي وڏو نقصان  ٿيو آهي ۽ ملڪ ۾  ڏوهه وڌيا آهن. بلاول ڀٽو چيو ته تاريخي برساتن دوران عوام کي لاوارث ڇڏيو ويو. جڏهن ته ماضي ۾ قوم کي اهڙي طرح جي آفتن ۾ لاوارث ڇڏيو ويو. اسان چاهيون ٿا ته هڪ نئون ميٿاق جمهوريت ٿئي ۽ ان کي پنهنجو منشور بنائي روڊن تي نڪرڻو پوندو. پ پ چيئرمين چيو ته اسان کي مطالبو ڪرڻو پوندو ته چونڊن ۾ هڪ جهڙو موقعو ڏيڻ گهرجي ۽ اسان سڀئي ملي عوام کي هن مصيبت ۽ عذاب کان آزادي ڏيارينداسين.  اسان کي پنهنجي ايوانن کي آزاد ڪرائڻو پوندو  جيڪڏهن اسان ائين نه ڪري سگهياسين ته پوءِ اسان پنهنجي عوام کي ڪيئن يقين ڏيارينداسين ته اسان کين هن منصيبت مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين.

Read Previous

مخالف ڌر جي اي پي سي آل پاڪستان ڦرلٽ ڪميٽي ۽ ڪرپٽ ماڻهن جو ڪٺ آهي: شهباز گل

Read Next

بلوچستان ۾ ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ تي يارنهن اسڪول بند، يونيورسٽي ۾ به تعليمي سرگرميون معطل

Most Popular