بلوچستان ۾ ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ تي يارنهن اسڪول بند، يونيورسٽي ۾ به تعليمي سرگرميون معطل

ڪوئٽه:  بلوچستان ۾ تعليمي اداري کلندي ئي ڪورونا وائرس جا ڪيس رپورٽ ٿيڻ لڳا جنهن کان پوءِ ڪوئٽه، چمن، زوب، گوادر ۽ ڊيره بگٽي جا 11 اسڪول بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته لورالائي ميڊيڪل ڪاليج،  بلوچستان ڪاليج ۽ ڪوئٽه جي وومن يونيورسٽي ۾ به تعليمي سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن.  تعليم کاتي بلوچستان جي اختيارين موجب ڪوئٽه ۾ هڪ خانگي  اسڪول سميت 4 اسڪولن ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ ان ادارن ۾ تدريسي سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه گوادر ۾ 3، زوب، چمن ۽ ڊيره بگٽي ۾ هڪ هڪ اسڪول کي بند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جامعه بلوچستان ۽ سردار بهادر خان وومن يونيورسٽي ڪوئٽه ۾ شروع ٿيندڙ ڪلاسز به ملتوي ڪيون ويون آهن. ٻئي طرف لورالائي ميڊيڪل ڪاليج جي 3 ڊاڪٽرن، 3 اسٽاف ۽ 4 شاگردن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق کان پوءِ لورالائي ميڊيڪل ڪاليج کي ٻئي حڪم اچڻ تائين بند ڪيو ويو آهي. صحت کاتي جي اختيارين موجب صوبي جي تعليمي ادارن ۾ هينئر تائين 950 شاگرد ۽ شاگردياڻيون ۽ استادن جا ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 67 ڄڻن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا آهن ۽ 480 ڄڻن جا ٽيسٽ نتيجا اڃان باقي آهن.

Read Previous

نئين ميثاق جمهوريت کي منشور بنائي حڪومت جي خلاف روڊن تي نڪرڻو پوندو: بلاول ڀٽو

Read Next

حڪومت کي نيڪالي ڏئي جمهوريت آڻڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين: آصف علي زرداري

Most Popular