مخالف ڌر جي اي پي سي آل پاڪستان ڦرلٽ ڪميٽي ۽ ڪرپٽ ماڻهن جو ڪٺ آهي: شهباز گل

لاهور:  وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار شهباز گل چيو آهي ته مخالف ڌر جيتريون به اي پي سي ڪوٺائي وٺي پر کين اين آر او نه ملندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهباز گل چيو ته مخالف ڌر جي اي پي سي جو مطلب آل پاڪستان ڦرلٽ ڪميٽي ۽ ڪرپٽ ماڻهن جو ڪٺ آهي. وزيراعظم ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو آهي پر ڦرلٽ ڪميٽي جو نظريو صرف ڪوڙ تي ٻڌل آهي. اي پي سي جو ڪٺ ڪرپٽ ماڻهن جو ڪٺ آهي جيڪو ڦريل رقم بچائڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي.  هن چيو ته جڏهن پنهنجو پئسو هوندو آهي ته ان وقت هڪ آڱر سڌي ٿيندي آهي پر جڏهن سمورا چور گڏجي وڃن ته سمجهي وٺو ته ايماندار ٿاڻيدار اچي ويو آهي. اي پي سي جو مطلب آل پاڪستان ڦر لٽ ڪميٽي آهي ۽ جڏهن هنن کان حساب گهريو ويندو آهي ته چوندا آهن ته سياسي انتقام ورتو پيو وڃي. شهباز گل چيوته اڄ هڪ دفعو ٻيهر آل پاڪستان ڦرلٽ ڪميٽي گڏ ٿي رهي آهي جڏهن ته اربين روپين جي مني لانڊرنگ نه ٿيڻ سبب مخالف ڌر جي اُڃ ختم ناهي ٿي. بلاول زرداري جون ڪجهه سيٽون به هاڻ پنجاب ۾ نه رهيون آهن. شريف فيملي پاڻ کي ڪنهن زماني ۾ خطي جو فرعون سمجهندي هئي. پر هاڻ شريف فيملي بلاول ڀٽو جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي رهي آهي. شهباز گل چيو ته مني لانڊرنگ جي خلاف قانون سازي تي مخالف ڌر کي آخر مسئلو ڪهڙو آهي ماضي ۾ هي ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي جي خلاف ڳالهائينديون به نه هيون.

Read Previous

نئون ديرو ۾ شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي چوويهين ورسي، ڌار ڌار تقريبون،هزارين ماڻهن جي شرڪت

Read Next

نئين ميثاق جمهوريت کي منشور بنائي حڪومت جي خلاف روڊن تي نڪرڻو پوندو: بلاول ڀٽو

Most Popular