پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نٿيا گلي ۾ جاري ٻن ڏينهن وارو اجلاس ختم

لاهور:  پي سي بي چيئرمين احسان ماني جي صدارت هيٺ نٿيا گلي ۾ هلندڙ پي سي بي جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس ختم ٿي ويو آهي.  پي سي بي جي ترجمان موجب هي هڪ انٽرنل اجلاس هو جنهن ۾ سڀني پنهنجي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي پنهنجو نقطو بيان ڪيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ زمبابوي جي خلاف سيريز، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۽ ٻين اهم معاملن تي غور ڪرڻ سان گڏ ڪجهه اهم سفارشن تي اتفاق ڪرڻ کان پوءِ گورننگ بورڊ طرفان شرڪت ڪندڙن کي به اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته ڪوڊ آف ايتهڪس کي لاڳو ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو. احسان ماني جي صدارت  هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ بورڊ جي سمورن شعبن جي هيڊز شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن  ٻن سالن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن سان گڏ مستقبل جي حڪمت عملي تي به مشاورت ڪئي.  رپورٽ موجب احسان ماني نيشنل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جيڪو 23 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ئي طلب ڪيو ويو آهي ان سان گڏ چيف ايگزيڪٽو وسيم خان ۽ ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس نديم خان به هن اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

Read Previous

مارننگ شوز ۾ ڪمائي لاءِ ماڻهن کي روئاڙيو ويندو آهي: نور بخاري جي ندا ياسر مٿان تنقيد

Read Next

پهرين آل پاڪستان وومين ڊبل وڪيٽ ڪرڪيٽ ڪپ جون تياريون مڪمل

Most Popular