پهرين آل پاڪستان وومين ڊبل وڪيٽ ڪرڪيٽ ڪپ جون تياريون مڪمل

اسلام آباد:  يوٿ ايجوڪيشن اينڊ اسپورٽس جي اهتمام هيٺ پهرين آل پاڪستان وومين ڊبل وڪيٽ ڪرڪيٽ ڪپ جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن.  رپورٽ موجب يوٿ ايجوڪيشن اينڊ اسپورٽس ويلفيئر سوسائٽي جي اهتمام هيٺ پهرين آل پاڪستان وومين ڊبل وڪيٽ ڪرڪيٽ ڪپ جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن. جڏهن ته ٽورنامينٽ 25 ۽ 26 سيپٽمبر 2020 تي راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو. افتتاحي تقريب جو خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي ڪيپٽن(ر) انوارالحق هوندو. يوٿ ايجوڪيشن اينڊ اسپورٽس ويلفيئر سوسائٽي جي جنرل سيڪريٽري نعيم ڀٽي ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ اسپورٽس ڊپارٽمينٽ راولپنڊي ۽ وائٽل گروپ جي تعاون سان قومي سطح جي هن ٽورنامينٽ جو مقصد ڪورونا وائرس سبب ڊگهي عرصي تائين گهرن ۾ ويٺل ۽ مايوسي جو شڪار عورت رانديگرياڻين کي ٻيهر ميدان ۾ لاهڻ ۽ صلاهيتن جي اظهار جو موقعو ڏيڻ آهي.   ٽورنامينٽ ۾ راولپنڊي، اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد، سرگودها، ميانوالي، اتڪ، پشاور، مردان، صوابي، نوشهره، ايبٽ آباد، ميرپورخاص، آزاد ڪشمير، ملتان، بهاولپور ۽ ڪراچي سميت سڄي پاڪستان مان ٽيمون شرڪت ڪري رهيون آهن.

Read Previous

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نٿيا گلي ۾ جاري ٻن ڏينهن وارو اجلاس ختم

Read Next

شادي جي گولڊن جوبلي ۾ اداڪار مصطفيٰ قريشي ڇو روئي ويٺو؟

Most Popular