شادي جي گولڊن جوبلي ۾ اداڪار مصطفيٰ قريشي ڇو روئي ويٺو؟

ڪراچي:پاڪستان فلم انڊسٽري جي ليجنڊ اداڪار مصطفيٰ قريشي سندس شادي جي گولڊن جوبلي ملهائي. ان موقعي تي مصطفيٰ قريشي روئي ويٺو ۽ چيو ته سڀني دوستن جي مهرباني جن محبت سان ٽمٽار پيغام موڪليا. مشهور اداڪار جو چوڻ هو ته ڏک ان ڳالهه آهي جو ڪنهن حڪومتي نمائندي مون ڏي ڪو پيغام نه موڪليو. ياد رهي ته 1940 ۾ حيدرآباد ۾ پيد ٿيل مصطفيٰ قريشي 600 کان مٿي فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا پر 1981 ۾ رليز ٿيل فلم مولاجٽ نوري نت جي ڪردار سان کيس گهڻي مقبوليت ملي. ان کان علاوه مصطفيٰ قريشي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو ۽ اتي به پاڻ مڃايو. 

Read Previous

پهرين آل پاڪستان وومين ڊبل وڪيٽ ڪرڪيٽ ڪپ جون تياريون مڪمل

Read Next

پاڪستاني اداڪاره ميرا جي اسٽيج ڊرامي دوران فائرنگ ڪندڙ جوابدار گرفتار

Most Popular