لنڊن: عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ تباهين جو سلسلو جاري آهي ۽ سائنسدانن طرفان ڏينهن رات هڪ ڪري وائرس جي خلاف ويڪسين ٺاهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي حوالي سان ماهرن خبردار ڪيو آهي ته وائرس جي خلاف ڪامياب ويڪسين جيڪڏهن ٺهي به وئي ته 2021 ۾ دنيا جي صرف 10 مان هڪ ماڻهو کي اها ملي سگهندي. ماهرن ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي حوالي سان خبردار ڪرڻ کان پوءِ تجربيڪارن جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه ان طرف اشارو ڪري ٿي ته سفري پابنديون ۽ سماجي وٿي جهڙين هدايتن تي سالن تائين عمل ڪرڻو پئجي سگهي ٿو. ياد رهي ته دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 3 ڪروڙ کان مٿي ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 9 لک 60 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.