ڀارتي اداڪاره سنجنا گلراني اسلام قبولي ورتو

ممبئي: ڀارتي اداڪاره سنجنا گلراني  اسلام قبول ڪري ورتو آهي. جنهن کان پوءِ ان جو نالو ماهره رکيو ويو آهي.  ڀارتي ميڊيا موجب بينگلور جي مشهور ديني درسگاهه  دارالعلوم شاهه ولي الله طرفان 2018 ۾ جاري ڪيل گلراني جي اسلام قبول ڪرڻ جو تصديق نالو هاڻ منظر عام تي اچي ويو آهي. اسلام قبول ڪرڻ جو هي تصديق نامو هڪ اهڙي وقت ۾ منظر عام تي آيو آهي جڏهن اداڪاره سنجنا گلراني کي منشيات جي معاملي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.  ڀارتي ميڊيا معاملي ۾ دارالعلوم شاهه ولي الله جي مهتمم مولانا زين العابدين سان ڳالهيون ڪيون. مولانا زين العابدين تصديق ڪئي آهي ته فلمي اداڪاره سنجنا کي 2018-10-09   تي اسلام قبول ڪرڻ جو تصديق نامو ڏنو ويو آهي.  تصديق نامي موجب ارچنا منوگر گلراني ڌيءَ منوهر گلراني عمر 31 سال بنا ڪنهن جبر جي رضا خوشي سان اسلام قبول ڪري ورتو آهي.

Read Previous

ٽرمپ جي نالي زهريلي مواد سان ڀريل خط جو لفافو سيڪيورٽي اختيارين ضبط ڪري ورتو

Read Next

ڪورونا ويڪسين تيار ٿي وئي ته صرف ڏهن مان هڪ ماڻهو کي ملي سگهندي:سائنسدان

Most Popular