ڪاشف سيلرو مٿان ريلوي ۽ ڪينٽ پوليس پاران تشدد خلاف ڪورنگي ۾ وارثن جو احتجاجي مظاهرو

ڪورنگي : ڪورنگي مهراڻ ٽائون محمد خان ڳوٺ جي رهواسي ڪاشف سيلرو مٿان ريلوي ۽ ڪينٽ پوليس پاران تشدد ڪري 4 لک کان وڌيڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر  واقعي ۽ ڌمڪائڻ واري عمل خلاف متاثر نوجوان جي وارثن هٿن ۾ بينر کڻي انصاف ۽ نوجوان ڪاشف سيلرو تي تشدد ۾ ملوث اهلڪارن کي هٽائڻ لاء مهراڻ ميڊيا سينٽر پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي گداحسين سيلرو. شمشاد سيلرو. حيدرجمالي. عبدالڪريم سيلرو .زاهدسيلرو ۽  ٻين چيو ته ريلوي ۽ ڪينٽ ثآڻي جي اهلڪارن 12 ڏينهن اڳ ٽرين تي ڪوٽڙي کان ڪراچي سفر دوران نوجوآن ڪاشف سيلرو جي کيسي مان تلاش دوران چار لک کان وڌيڪ رقم .موبائل فون ۽ شناختي ڪارڊ ڦر کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو اهڙي ريلوي پوليس جي ظلم خلاف اسان عدالت سميت مختلف فورم تي انصاف لاء دانهي رهيا آهيون جنهن تي انصاف ملڻ بجاء ويتر سخت نتيجا ۽ ريلوي پوليس خلاف عدالت ۾ داخل ڪيس تان هٿ نه کڻڻ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون سندن وڌيڪ چوڻ هو ريلوي ۽ ڪينٽ پوليس جي وحشياڻي تشدد سبب هڪ طرف نوجوان ڪاشف سيلرو جي ذهني حالت بگڙڻ سبب سموري گهر ڀاتين جو سڪون تباهه ٿي ويو ته مٿان وري مختلف ذريعن کان سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ملڻ ڪري اسان جو سمورو خاندان خوف ۾ ورتل آهي هنن آء ۽ ايس پي ريلوي ايس ايس پي سائوٿ وزيراعلي سنڌ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته نوجوان ڪاشف سيلرو سان ٿيل افسوس  ناڪ واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث ريلوي ۽ ڪينٽ پوليس اهلڪارن کي هٽائي ڦر ڪيل رقم واپس ڏياري وڃي.

Read Previous

ڪورونا ويڪسين تيار ٿي وئي ته صرف ڏهن مان هڪ ماڻهو کي ملي سگهندي:سائنسدان

Read Next

سيوهڻ ۾ رند برادري جي ماڻهن پاران بااثرن جي ظلمن ۽ ڌمڪين خلاف احتجاج

Most Popular