مورو جي مبارڪ ٻرڙو ۾ گورنمينٽ گرلز ھاء اسڪول کنڊر جو ڏيک ڏيڻ لڳو ، 2 ڪلاس ڪري پيا

مورو: مورو ويجهو  ڳوٺ مبارڪ ٻرڙو  ۾ 1990 ۾ قائم ڪيل گورنمينٽ گرلز ھاء اسڪول گذريل 2 سالن کان کنڊر جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي ـ ان سلسلي ۾ اسڪول جي ھيڊ ماسترياڻي استادياڻين  ۽ سڄاڻ ڌرين پاران صحافين کي ٻڌايو ويو ته ٻن سالن کان اسڪول جي حالت خراب آهي ـ اسان بار بار انتظاميا کي درخواستون ڏنيون پر انتظاميا  ڪو به تحرڪ  نه ورتو ـ سينيئر استاد نورالدين ٻرڙو جو چوڻ ھو ته اسڪول جا2 ڪلاس مڪمل ڪري پيا باقي ڪلاس به زبون حالي جو شڪار آهن ـ جنهن سبب اتي پڙهائي نه ٿي ڪري سگهجي ـ جنهن سبب علاءقي  واسي نياڻين کي اسڪول ڇڏڻ لاء به تيار ناهن ـ ھن وڌيڪ چيو ته  اسڪول ڪرڻ جي انتظاميا کي لکت م آگاھ  ڪيو ـ ھڪ سال پھرين ورڪس اينڊ ڊويزن جي ٽيم پاران وزٽ اسڪول وزٽ ڪيو ويو فوٽيج به ورتا ويا پر ان باوجود به اسانجي اسڪول جي مرمت نه ٿي ڪئي وڃي ـ ھنن وزيراعلي سنڌ سيد   مراد علي شاهه ـ صوبائي وزير تعليم سعيد غني  سيڪريٽري تعليم ـ ۽ ٻين بالا آفيسرن کان اسڪول جي مرمت ۽ نياڻين جي تعليم تباهه ٿيڻ کان بچائڻ جي گهر ڪئي آھي ـ

Read Previous

جهول ۾37 ھندوخاندانن جي مردن عورتن ٻارڙن کي ڪلمون پڙھائي مسلمان ڪيو ويو

Read Next

سامونڊي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ ، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ خلاف ڪراچي ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ريلي

Most Popular