سامونڊي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ ، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ خلاف ڪراچي ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ريلي

ڪراچي: جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ڀنڊار ٻيٽ سميت سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ خلاف، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ وارين ڪوششن خلاف ۽ سنڌو درياهه تي ديامير ڀاشا ڊيم، سنڌ بئراج ۽ ٻين ڊيمن خلاف ”ڪراچي ۽ سنڌو درياهه بچايو ريلي“ ڪڍي وئي۔ ريلي جي اڳواڻي پارٽي سربراهه نواز خان زئور، محمد علي خشڪ، هالار رتڙ، دودو سيال، تراب جتوئي، انور کوکر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا۔ ريلي مهراڻ هوٽل شاهراهه فيصل کان پنڌ شروع ٿي ڦوهارا چونڪ کان ٿيندي پريس ڪلب ڪراچي پهتي. جتي جلسي جي شڪل اختيار ڪري وئي۔ ريلي ۾ عورتن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي۔ ريلي کي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻن محمد علي خشڪ، هالار رتڙ، سنڌ قومي پارٽي جي انور کوکر، ايس يو پي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، اي جي پي اڳواڻ نور نبي راهوجو، ايس ٽي پي اڳواڻ خير محمد مگسي، عوامي رابطا تحريڪ جي صدر سرور پليجو، سنڌ عوامي سٿ جي مهر ڊٻائي، جيئي سنڌ تحريڪ جي سورهيه سنڌي، عوامي تحريڪ جي ايڊوو ڪيٽ عبدالله، سنڌ سجاڳي فورم جي سهڻي جويو، ڊيلٽا ڊولپمينٽ جي شفيع مرگهر، راڻي ڀٽو، قادر بخش زئور، راحيلا ڀٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔

Read Previous

مورو جي مبارڪ ٻرڙو ۾ گورنمينٽ گرلز ھاء اسڪول کنڊر جو ڏيک ڏيڻ لڳو ، 2 ڪلاس ڪري پيا

Read Next

ضلعي سانگهڙ ۾ پوليس سرپرستي ۾ سرعام ھلندڙ منشيات خلاف ايس ٽي پي پاران احتجاجي ريلي

Most Popular