جهول ۾37 ھندوخاندانن جي مردن عورتن ٻارڙن کي ڪلمون پڙھائي مسلمان ڪيو ويو

جهول :  جھول شھر جي واٽر سپلاءِ جي تلائن سامھون جھوپڙيون ٺاھي رھندڙ  شڪاري برادري سان تعلق رکندڙ ھندوئن جي 37 خاندانن جي مردن عورتن ۽ ٻارڙن سميت 171 ماڻھن جھول جي مدرسي احسن التعليم ۾ ، مدرسي جي مھتمم مولوي عارف خاصخيلي ۽ قاري محمد شفقت آرائين جي ميزباني ۾ ڪراچي کان آيل  مولوين جي ٽيم  جي اڳواڻ ، اڳوڻي ميمبر اسلامي نظرياتي ڪائونسل،مولانا پروفيسر ڊاڪٽر نور احمد شاتاز جي ھٿ تي بعيت ڪري ڪلمون شريف پڙھي مسلمان ٿيا انھي موقعي نون مسلمان ٿيندڙ کي خوشي ۾ ھار پارائي مٺائي کارائي اسلام ۾ اچڻ تي آجيان ڪئي وئي انھي موقعي دين اسلام جي دائري۾ ايندڙن جي سھائتا لا۽ سيلاني ۽ النور ٽرسٽ پاران ھر ھڪ خاندان کي کاڌي پيتي جو سامان رڌ پچاء جا ٿانوَ وڇائڻ لاءِ تونئريون بسترا ڏنا ويا  انھي موقعي تي ھرھڪ مرد عورت ۽ ٻار کي پائڻ سلائي ٿيل ڪپڙا  پڻ ڏنا ويا ، جڏھن مولانا پروفيسر ڊاڪٽر نور احمد شاتاز جي پاران ھر خاندان کي خرچ لاءِ پنج پنج ھزار روپيا روڪ ڏنا ويا انھي موقعي تي ھندوئن کي مسلمان ڪرڻ واري تقريب کي ميڊيا کان پري رکيو ۽ لڪايو ويو ھو جڏھن نون مسلمان ٿيندڙن محمد شريف ،عبدالواحد ،رسول بخش خان محمد عائشہ مريم گل بانو ۽ ٻين ٻڌايو تہ ھو انتھائي گھڻو خوش آهن ھاڻ نمازون پڙهي روزا رکي الله سائين جي عبادت ڪندا مسلمان ٿيڻ تي کين فخر ۽ خوشي ٿي آھي ،ياد رھي اسلام جي دائري۾داخل ٿيندڙ ھي نوان مسلمان ٿيل ماڻهو جھول شھر ۾ گذريل ڏھن ورھين کان رھندڙ ھئا شھر مان ڪاڳر ميڙي خيرات وٺي پيٽ پاليندا هئا،تقريب ۾ سانگھڙ جي مولانا قاري شاھنواز ۽ سنجھورو مان مولانا عبدالقيوم سڪندري ۽ ڪافي شھرين شرڪت ڪئي

Read Previous

سيوهڻ ۾ رند برادري جي ماڻهن پاران بااثرن جي ظلمن ۽ ڌمڪين خلاف احتجاج

Read Next

مورو جي مبارڪ ٻرڙو ۾ گورنمينٽ گرلز ھاء اسڪول کنڊر جو ڏيک ڏيڻ لڳو ، 2 ڪلاس ڪري پيا

Most Popular