ضلعي سانگهڙ ۾ پوليس سرپرستي ۾ سرعام ھلندڙ منشيات خلاف ايس ٽي پي پاران احتجاجي ريلي

جهول: جهول  سميت سڄي ضلعي سانگهڙ ۾ پوليس انتظاميه جي سرپرستي ۾  سرعام  ھلندڙ منشيات سميت سماجي برايون ختم ڪرايو ضلعي سانگهڙ جو نوجوان نسل بچايو  سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي سانگهڙ پاران ضلعي صدر علي ڏنو خاصخيلي , شاھنواز نائچ,  سليم ڏاھري ,عبدالجبار جوڻيجو , جان محمد ابڙو ڪامريڊ جعفر سنڌي, احسان شر , مختيار لغاري , سني جوڻيجو,جعفر بروھي,ممتاز مگسي سنڌ ادبي سنگت شاخ ههول جي اڳواڻ غلام حيدر خاصخيلي , مسڪين وارث خاصخيڪي  , راجه حڪيم شيدي, نظير سولنگي, قادر داد کوسو بادل ٽالپر, نياز لغاري جي اڳواڻي ۾  احتجاجي ريلي ڪڍي وئي  ج احتجاجي مظاھري ۾تبديل ٿي وئي احتجاج دوران جهول سميت  سڄي مان منشيات ۽ سماجي برايون ختم ڪيو نوجوان نسل بچايو ۽ منشيات جي سرپرستي ڪندڙن پوليس عملدار ھٽايو جا نعره ھنيا ويا  نڪتل احتجاجي ريلي کي ضلعي صدر علي ڏنو خاصخيلي , جبار جوڻيجو خطاب ڪندي چيوته اسان جي احتجاجي ريلي جهول سميت ضلعي جي نوجوان کي  نشي ۽ مختلف سماجي برائن کان بچائڻ لاء آھي افسوس سان  جهول سميت ضلعي سانگهڙ جي پوليس انتظاميه  ھلندڙ منشيات کي بند ڪرائڻ بجاء منشيات جو ڌنڌو ڪندڙ وڏن ڊيلرن جي ڪمداري ڪري رھي اسان ڊاڪٽر قادر مگسي جي قيادت ھمشيه  نوجوان نسلن کي تباھي ۽ بربادي کان بچائڻ لاء جدوجهد ڪئي آھي اسان  ھن احتجاج ذريعي وزير اعلي سنڌ آجيء سنڌ ڊي آجي  نواب شاھ سميت اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيون ٿا خدار اسان جي نوجوان نسل کي نشي سميت سمورن برائن کان بچائڻ لاء ضلي سانگهڙ پوليس جي سرپرستي ۾ ھلندڙن منشيات سميت سماجي برايون بند ڪرائي اسان جو نوجوان نسل بچايو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي ضلعي احتجاجي تريڪ ھلائي ويندي

Read Previous

سامونڊي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ ، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ خلاف ڪراچي ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ريلي

Read Next

بلاول ڀٽو اڄ پنهنجي ماما جي روايت کي برقرار رکندي اڄ حڪومت خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو:سهيل سيال

Most Popular