ڀارت: ممبئي ويجهو ٽي ماڙ رهائشي عمارت ڪرڻ سبب ڏهه ڄڻا دٻجي فوت

نئين دهلي: ڀارتي رياست مها راشترا جي شهر ممبئي ويجهو 3 ماڙ رهائشي عمارت ڪري پئي جنهن جي نتيجي 10 ڄڻا دٻجي فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.  ڀارتي ميِديا موجب بهوانڊري ۾ ڪرندڙ عمارت 40 سال پراڻي هئي ۽ ان ۾ 20 خاندان آباد هئا. رپورٽن موجب ملبي هيٺيان دٻجي 10 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺيان دٻيل هجڻ جو امڪان آهي.  مقامي ميڊيا موجب بهوانڊري جي پٽيل ڪمپائونڊ ۾ ڪرندڙ عمارت جي ملبي مان 20 ڄڻن کي ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته ٻين کي ڪڍڻ جي لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.

Read Previous

افغانستان ۾ سيڪيورٽي فورسز مٿان طالبان جو حملو، نو اهلڪار مارجي ويا

Read Next

فرنچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي رانديگرن ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس ظاهر

Most Popular