
نئين دهلي: ڀارتي رياست مها راشترا جي شهر ممبئي ويجهو 3 ماڙ رهائشي عمارت ڪري پئي جنهن جي نتيجي 10 ڄڻا دٻجي فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڀارتي ميِديا موجب بهوانڊري ۾ ڪرندڙ عمارت 40 سال پراڻي هئي ۽ ان ۾ 20 خاندان آباد هئا. رپورٽن موجب ملبي هيٺيان دٻجي 10 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺيان دٻيل هجڻ جو امڪان آهي. مقامي ميڊيا موجب بهوانڊري جي پٽيل ڪمپائونڊ ۾ ڪرندڙ عمارت جي ملبي مان 20 ڄڻن کي ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته ٻين کي ڪڍڻ جي لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.