فرنچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي رانديگرن ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس ظاهر

لاهور: ايندڙ هفتي کان شروع ٿيندڙ فرنچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي رانديگرن ۾ ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ شرڪت ڪندڙ وڌيڪ 2 رانديگرن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي جنهن کان پوءِ انگ 5 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 3 اهي رانديگر به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن جنهن ڪورونا پازيٽو ڪوچ سان تعلق رکيو. ٽورنامينٽ منتظمين ڪورونا پازيٽو نتيجن کان پوءِ پنجن رانديگرن کي مقابلن ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو آهي.  ان رانديگرن کي فوري طور تي 7 ڏينهن جي لاءِ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب منتظمين متاثر رانديگرن جا نالا ظاهر نه ڪيا آهن جڏهن ته فيڊريشن آف فرنچ ٽينس جي اختيارين هينئر تائين گڏيل طور تي 900 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪرايا ويا آهن. فرنچ اوپن جا مقابلا 27 سيپٽمبر کان 11 آڪٽوبر تائين پيرس ۾ شيڊول آهن.

Read Previous

ڀارت: ممبئي ويجهو ٽي ماڙ رهائشي عمارت ڪرڻ سبب ڏهه ڄڻا دٻجي فوت

Read Next

بنگلاديش ۽ سريلنڪا وچ ۾ قرنطينه جو جهيڙو ختم نه ٿي سگهيو

Most Popular