بنگلاديش ۽ سريلنڪا وچ ۾ قرنطينه جو جهيڙو ختم نه ٿي سگهيو

ڍاڪا: بنگلاديش ۽ سريلنڪا وچ ۾ قرنطينه جو جهيڙو ختم نه ٿي سگهيو. بي سي بي دوري لاءِ پنهنجون شرطون منظور ٿيڻ جي انتظار ۾ آهي. بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو نظام الدين چيو آهي ته اسان کي 1-2 ڏينهن ۾ جواب ملڻ جي اميد آهي. اسان آءِ لينڊ پهچڻ جي ٻئي ڏينهن  کان ئي ٽريننگ شروع ڪرڻ چاهيون ٿا. سيريز کان اڳ  دمبولا ۾ ئي ڪيمپ لڳائڻ جو ارادو آهي. تفصيل موجب بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم کي هلندڙ مهيني ٽيسٽ دوري لاءِ سريلنڪا وڃڻو آهي پر قرنطينه جي مدت تي ٻنهي بورڊن وچ ۾ اختلافن سبب دورو غير يقيني واري صورتحال جو شڪار ٿي ويو آهي. بي بي سي جي خواهش آهي ته ٽيم صرف 7 ڏينهن قرنطينه ڪندي جڏهن ته ايس ايل سي کين پيغام موڪلرايو آهي ته صحت واري وزارت هر صورت ۾  14 ڏينهن جي قرنطينه تي زور ڏئي رهي آهي.

Read Previous

فرنچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي رانديگرن ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس ظاهر

Read Next

پاڪستاني بالر شاهين آفريدي جو تاريخي ڪارنامو: چئن بالن تي چار وڪيٽون وٺي چڌيائين

Most Popular