پاڪستاني بالر شاهين آفريدي جو تاريخي ڪارنامو: چئن بالن تي چار وڪيٽون وٺي چڌيائين

لنڊن: پاڪستاني ٽيم جي نوجوان بالر شاهين آفريدي لاڳيتو چئن بالن تي 4 وڪيٽون حاصل ڪري تاريخي ڪارنامو انجام ڏنو آهي هن انگلش ڪائونٽي ۾ همپشائر جي طرفان کيڏندي  اها تاريخ رقم ڪئي.  شاهين آفريدي جيڪو هن وقت انگش ڪائونٽي ٽي ٽوئنٽي چيمپين شپ ۾ همپشائر جي طرفان کيڏي رهيو آهي. هن اها ڪارڪردگي مڊل سڪس جي خلاف ميچ ۾ ٺاهي.  هن پنهنجي اوور جي آخري چئن بالن تي مخالف ٽيم جي رانديگرن جن ۾ ٽم مرتاغ، جون ڪمپسن، سٽيون فن ۽ تهيلان ولالا دانيا شامل هئا کي بولڊ ڪيو. پاڪستاني اسٽار رانديگر شاهين شاهه آفريدي ٽي ٽوئنٽي جي تاريخ ۾ چئن بالن تي چار وڪيٽون وٺندڙ چوٿون رانديگر بڻجي ويو آهي.

Read Previous

بنگلاديش ۽ سريلنڪا وچ ۾ قرنطينه جو جهيڙو ختم نه ٿي سگهيو

Read Next

اپوزيشن جماعتن کي صرف لٽ مار کپي: حنيد لاکاڻي

Most Popular