ٻيلي ٿاڻي جي ٺھندڙ نئين عمارت جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿاڻي جو عملو 10 سالن کان يونين ڪائونسل جي آفيس ۾ ويٺل

ٻيلو )رپورٽ: ممتاز ڪنڀر( ٻيلي ٿاڻي جي ٺھندڙ نئين عمارت جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿاڻي جو عملو 10 سالن کان يونين ڪائونسل جي آفيس ۾ ويٺل تفصيل موجب ٻيلي ٿاڻي جي نئين ٺھندڙ عمارت جو ڪم ٽن سالن کان مڪمل نه ٿيو ڪم رولڙي جو شڪار آھي ڪجھ سال پھرين سنڌ حڪومت پاران مختلف ضلعن ۾ ٿاڻن جون نيون عمارتون ٺھرائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو سجاول ضلعي ۾ ٺھندڙ 4 نون ٿاڻن جي عمارتن ۾  هڪ ٻيلي ٿاڻي جي عمارت جو ڪم به پڻ شامل هو ٿاڻي جي عمارت جو ڪم ڇت ليول ٿيڻ کانپوء ھڪ سال کان وٺي بند پيل آھي عمارت جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ڪري ٿاڻي جي عملي کي سخت ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي لاڪ اپ رھائش ۽ ٻيون گھربل سھولتون نه ھئڻ جي ڪري جوابدارن کي ٻين ٿاڻن جي لاڪ اپ ۾ رکيو وڃي ٿو جڏھن ته عملو رھائش لاء پرائيوٽ جڳهيون استعمال ڪري ٿو  ، گذريل 10 سالن کان ٻيلو پوليس جو عملو يونين ڪائونسل ٻيلو جي آفيس جي ٻن ڪمرن  ۾  ڪار وھنوار ھلائڻ لڳو پوليس عملدارن جي رھائش لاء پڻ ڪابه جڳھ نه آھي۔ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٻيلو حفيظ سومرو ٻڌايو ته عمارت نه ھئڻ جي ڪري مشڪلاتون آھن بالا آفيسرن کي لکت ۾ ڏنو آھي اميد آھي ته عمارت جو ڪم جلد مڪمل ٿي ويندو۔ ٻئي طرف ٻيلو شھر جي سماجي اڳواڻن اشرف ميمڻ حاجي ميمڻ چيو ته ٿاڻي جي نئين ٺھندڙ عمارت جو ڪم سال کان بند آھي پوليس يونين ڪائونسل جي آفيس ۾ ويٺل آھي يونين ڪائونسل جي ڪم ڪارين لاء ايندڙ ماڻھن توڙي عملي کي تڪليف ٿئي ٿي۔ هن گهر ڪئي ته ٿاڻي لاء ٺھندڙ نئين عمارت جو ڪم جلد شروع ڪرايو وڃي ۔

Read Previous

اپوزيشن جماعتن کي صرف لٽ مار کپي: حنيد لاکاڻي

Read Next

نوشهروفيروز ۾ لاڪ ڊائون کان پوء راندين جون سرگرميون بحال

Most Popular