نوشهروفيروز ۾ لاڪ ڊائون کان پوء راندين جون سرگرميون بحال

نوشهروفيروز: نوشهروفيروز ۾ لاڪ ڊائون کان پوء پھريون ڀيرو راندين جون سرگرميون بحال ٿي ويون آھن. انٽر ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو پھريون افتتاحي مئچ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشھرو فيروز تي کيڏيو ويو. سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب ۽ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب ۾ معرڪو ٿيو. پھرين ٽاس کٽيندي اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب پھرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 10 اوورن ۾ 90 رنسون اسڪور ڪيون. جنھن ۾ پھرين بيٽنگ ڪندي اويس عالماڻي 40 رنسون اسڪور ڪيون، عبدالمنان راجپوت 30 رنسون ۽ ايان ميمڻ 15 رنسون اسڪور ڪيون. سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب جي بالرن منصور ھڪڙو ٻن اوورن ۾ 4 وڪيٽون ورتيون، سھيل لاشاري ٻه وڪيٽون ورتيون. سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب بيٽنگ ڪندي 8 اوورن ۾ مقرر حدف حاصل ڪندي مئچ کٽي ورتو. سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب جي رانديگرن پير شھاب 45 رنسون، مير لاڙڪ 30 رنسون ۽ سھيل لاشاري 25 رنسون اسڪور ڪيون. اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب جي بالرن ايان ميمڻ ٻه ۽ اويس عالماڻي ھڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. مئچ جو مھمان خاص ڊي ايس پي سٽي نوشھرو فيروز اعجاز ميمڻ ھو جڏھن ته ٽورنامينٽ جا انتظام سھيل لاشاري ۽ پير شھاب سنڀاليا

Read Previous

ٻيلي ٿاڻي جي ٺھندڙ نئين عمارت جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿاڻي جو عملو 10 سالن کان يونين ڪائونسل جي آفيس ۾ ويٺل

Read Next

چوٽياريون پوليس جي ڪاروائي چرس سميت جوابدار گرفتار

Most Popular